ڪارونجهر جي ڪٽائي هميشه لاءِ بند، جبل ماڻھن جي دلين ۾ موجود آھي: عدالت

مٺي(رپورٽ: غازي بجير) ننگرپارڪر جي عدالت ڪارونجهر جي ڪٽائي کي غيرقانوني قرار ڏئي ڪٽائي تاحيات بند ڪرڻ جو حُڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، سول اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ننگرپارڪر سيد ڪرم علي شاھ جي عدالت ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪندڙ ايف ڊبليو او، ڪوهنور ۽ حاجي عبدالقدوس راڄڙ ڪمپنين جي ڪٽائي کي غيرقانوني قرار ڏئي مشينري واپس کڻي وڃڻ ۽ ڪئمپون هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جو حتمي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت نوٽيس ڪيس تي خميس ڏينهن ٻڌڻي تي لاڳاپيل ڌرين ۽ کاتن جي رپورٽن ۽ زباني بيانن کان پوءِ ڪمپنين کي ڪم روڪڻ ۽ ڪئمپون ختم ڪرڻ توڙي ڪٽائي کي غيرقانوني قرار ڏنو ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کي حڪم ڏنو ته عدالتي حُڪم نه مڃيندڙ ڪمپنين تي پي پي سي 188 تحت ڪيس داخل ڪري ھر مھيني جي 5 تاريخ تي رپورٽ پيش ڪري، عدالت پنهنجي حتمي فيصلي ۾ لکيو آھي ته لاڳاپيل کاتن جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ خبر پئي آھي ته ڪارونجھر جبل مقامي ماڻھن، چوپائي مال ۽ جھنگلي جيوت جي کاڌ خوراڪ جو واحد ذريعو آھي، ڪارونجھر جبل تي جڏهن برساتون پونديون آھن تڏھن پاڻي جي سطح مٿي اچي ويندي آھي ۽ مقامي ماڻھو ان مان فائدو وٺندا آھن، ننگرپارڪر ۽ سموري دنيا جا ماڻھو قديمي، تاريخي ۽ مذهبي جاين سان انتھائي گھڻو پيار ڪن ٿا، ان حوالي سان ڪارونجهر وڏي اھميت رکي ٿو، ڪارونجھر ھڪ دفاعي ديوار آھي جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت جي بلڪل بارڊر تي موجود آھي، تاريخ ان ڳالھه جي شاھد آھي ته اسان بارڊر تي بار بار جھيڙي جو شڪار ٿيندا آيا آھيون، تاريخي حوالي سان خبر پئي ٿي ته مقامي ماڻھن کي ڪارونجھر جي جبلن ۾ تحفظ ملندو آيو آھي، ننگرپارڪر جا مقامي ماڻهو ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ اڳ ئي بنيادي حقن کان محروم آھن، ان باوجود مافيا مقامي ماڻهن جي روزي روٽي جي ان واحد ذريعي کي برداشت نٿي ڪري ۽ مقامي ماڻھون بيوسي جو شڪار آھن ۽ ھيڏي ھوڏي مدد لاءِ ٻاڏائي رھيا آھن، ليز ھولڊر ۽ لاڳاپيل معدنيات کاتي ڪنھن به قسم جي ليز جي معاهدي، سروي رپورٽس، حدون يا ان جي شرطن سميت ڪو به دستاويز ظاھر ناھن ڪيا، ان کانسواءِ ماحولياتي تحفظ جي ايجنسين، جھنگلي جيوت، ثقافت کاتو، ٻيلو کاتو ۽ وزارت دفاع جا اجازت ناما ظاهر ناھن ڪيا، جيڪي ڪم ڪرڻ کان پھرين لازمي شرط ھوندا آھن، فيصلي ۾ وڌيڪ لکيو ويو آھي ته عدالت کي خبر پئي آھي ته عوام کي ڪنهن به قسم جي قانوني قدم کڻڻ کان پري رکڻ لاءِ سوچيل سمجهيل منصوبه بندي سان افواهه پکيڙيا ويندا آهن ته ڪجهه مضبوط ماڻھو ڪارونجھر جي ڪٽائي جي پٺيان آھن پر حقيقت ان جي ابتڙ آھي، ڪوهنور ۽ ايف ڊبليو او وڏي پئماني تي پاڻ ڪم ڪري رھيون آھن، ان تي جيڪو خرچ اچي پيو اهو هو پاڻ پنهنجي کيسي مان ڀري رھيون آھن، پر تاثر اھو ڏنو ويو آھي ته رياست جي ڪنهن اداري جو ويجھو تعلق آھي، عدالت وڌيڪ لکيو آھي ته ڪارونجھر ڪٽائي کان ھٽي ڪري مقامي ماڻھو توڙي پوري ملڪ جي معيشت جي لاءِ وڏو ۽ اھم ذريعو آھي، جيڪڏھن ڪارونجھر کي ڪٽيو ويو ته اھو معيشت ۽ ماڻھن جي زندگيءَ لاءِ وڏو نقصان ھوندو، ننگرپارڪر ۾ ٺھيل ڊيمن ۾ پاڻي جو واحد ذريعو ڪارونجھر جبل آھي، ڪارونجھر نڪرندڙ نديون ڀٽياڻي، گوڙدڙو، گھرٽياري، مدن واھ ۽ ٻيون نديون مقامي ماڻهن کي پاڻي فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ خوبصورتي به فراهم ڪن ٿيون، جيڪي سياحن جي وڏي تعداد جو پاڻ ڏانهن ڌيان جهڪائين ٿيون، ڪارونجھر ڪٽائي مقامي ماڻھن جي جسماني ۽ نفسياتي سڪون جي ڀڃڪڙي آھي، فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته معدنيات کاتي چيو آھي ته 2007  گرينائيٽ ليز تي هميشا لاءِ پابندي ھنئي وئي آھي ته ٻي طرف جواب ڏيندڙ ڪمپنيون 2011ع جون ليزون ڏيکاري رھيون آھن، ان جو مطلب آھي ته ھي ڪٽائي قانون جي خلاف آھي ۽ لاڳاپيل کاتي ان جي خلاف ڪا ڪارروائي ناھي ڪئي، ڪارونجھر جي ڪٽائي سڌو سنئون عوامي پريشاني آھي ۽ ھي وڏي پئماني تي پريشاني آھي، ڇو ته ڪارونجھر ننگرپارڪر جي 2 لک ماڻھن جي زندگيءَ جو ذريعو آھي، ائين لڳي ٿو ته ھي جبل صرف زمين تي موجود آھي پر اصل ۾ ھي ماڻھن جي دلين ۾ به موجود آھي، جڏھن ڪير ھن جبل کي ڪٽيندو آھي اھو نه صرف مقامي ماڻھن جا حواس مجروح ٿيندا آھن پر انھن جا جذبات به مجروح ٿيندا آھن، عدالت فيصلي ۾ لکيو آھي ته سي آر پي سي 133 جي اختيارن جو دائرو وسيع آھي، پوليس رپورٽ ۽ ٻي معلومات تحت ان سيڪشن تحت ڪارروائي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آھي، جنھن ۾ مئجسٽريٽ جي ذاتي معلومات به شامل آھي، جيڪا ٻي ڪنھن ذريعي کان ملي ھجي، عدالت فيصلي ۾ وڌيڪ لکيو آھي ته ڪارونجھر ماڻھن جي دلين ۾ رھي ٿو، ڪارونجھر نج سياحتي موضوع آھي، جتان مقامي ماڻھن جي زندگي جڙيل آھي، جج سيد ڪرم علي شاهه پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آھي عالمي سياحتي رپورٽ، جنهن ۾ لکيو ويو آھي ته سفر ۽ سياحت جو عالمي جي ڊي پي ۾ ڪارونجهر جو سڌو سنئون حصو آھي، جيڪو 2020 ۾ تقريبن 4.7 ٽريلين آمريڪي ڊالر آھي، جيڪڏھن ڪارونجهر جي اھا غيرقانوني ڪٽائي جاري رھي ته آمدني کي وڏو نقصان ٿيندو، ھڪڙي مقامي چوڻي به آھي ته ڪارونجھر سوا سير سون ڏيندو آھي، ڪارونجھر جبل وڏي مقدار ۾ جڙي ٻوٽيون ۽ چوپائي مال لاءِ گاھ به ڏيندو آھي، ننگرپارڪر جي گٽر ۽ ٻي نيڪالي جو نظام به ڪارونجھر سان جڙيل آھي، عدالت جبل جي ڪٽائي ڪندڙ ڪمپنين کي لکيو آھي ته اوھان ڪارونجهر کي عام جبل تحت ڏٺو آھي، جيڪو صرف پٿرن سان مالامال آھي، جيڪو صرف ھڪ تعميراتي ڪم ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو پر ڏٺو وڃي ته ڪارونجھر ھڪ ئي وقت تي پوري معاشري ۽ ماحولياتي نظام جي تباھي به آھي، ھي جبل سياحتي، ثقافتي، مذھبي وابستگي، آبپاشي زراعت، دفاع، مقامي ماڻهن جو معاشي ذريعو، جهنگلي جيوت جي کاڌ خوراڪ ۽ گاھ سان ڀريل جهنگل ۽ ٻيو گھڻو ڪجهه آھي، جنھن کي بچائڻ لاءِ لاڳاپيل ڪو به کاتو اڳيان ناھي آيو ۽ نه ئي اھڙي قسم جا فائدا ۽ ڪارونجهر جي اھميت ڳولي سگھيا آھن، جبل ڪٽڻ جو مطلب آھي مقامي ماڻھن جي زندگي جا سڀئي ذريعا ڪٽڻ، ڪارونجھر ڪٽڻ جو مقصد آھي پاڪستان جي ماڻھن جي سياحت ختم ڪرڻ، جبل ڪٽڻ جو مقصد آھي ماڻھن جا جذبات ڪٽڻ، ڪارونجھر ڪنھن ھڪ ماڻھن جي فائدي لا۽ ناھي پر ھو معاشري جي فائدي لاءِ ٺهيل آھي، انڪري غيرقانوني ڪٽائي تاحيات بند ڪئي وڃي.

  • ڪير به مقامي ماڻھن کي  ڊپ ڏئي پنهنجي غيرقانوني مقصد ۾ ڪامياب نٿو ٿي سگھي: عدالت

مٺي: عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ لکيو آھي ته مقامي ماڻھن ۾ خوف وجھي ۽ لاڳاپيل کاتن کي خاموش ڪري ڪير به پنهنجي غيرقانوني مقصد ۾ ڪامياب نٿو ٿي سگھي، ڇو ته عدالتون عوام جي حقن سان گڏوگڏ رياستي اثاثن جون به محافظ آھن،

  • ”عوامي آواز“ ليزون غيرقانوني هجڻ بابت 4 جنوري تي انڪشاف ڪيو

مٺي: ڪارونجهر جون سموريون ليزون غيرقانوني هجڻ بابت عوامي آواز 4 جنوري تي اڳواٽ انڪشاف ڪيو، جيڪا رپورٽ عدالت ۾ صحيح ثابت ٿي، عوامي آواز 4 جنوري تي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته ڪارونجهر جو پٿر 1980ع کان کڄي پيو، 30 ورهين دوران کنيل پٿر ۽ ليزن بابت منرل ۽ مائنز کاتي وٽ ڪو به رڪارڊ نه هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، انتهائي اهم ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته معدنيات کاتو هڪ غيرقانوني عمل ۾ مڪمل طور تي ملوث آهي ۽ منرل مائنز کاتي جا عملدار پٿر غيرقانوني طور کڻائڻ واري ڪم ۾ ملوث هجڻ جا اطلاع آهن، اُهو به معلوم ٿيو آهي ته معدنيات کاتي جا عملدار ڪارونجهر جبل جي پٿرن سميت ٻي معدنيات کڻڻ عيوض ڪمپنين کان رشوت وصول ڪن ٿا.

  • عالمي ورثي لاءِ يونيسڪو کي لکڻ تي ثقافت ۽ چوپائي مال واري کاتي جي قدمن جي واکاڻ

مٺي: عدالت چوپائي مال واري کاتي کي لکيو آھي ته اوھان سٺي ڄاڻ ڏني آھي ۽ اوھان جبلجي اھميت ٻڌائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي، ڇو ته گهڻو ڪري چوپائي مال جو گذر سفر ئي جبلن تي ٿيندو آھي، ثقافت کاتي کي لکيو ويو آھي ته ڪارونجھر جبل تهذيب ۽ ثقافت ٻنھي سان مالا مال آھي، پر انھن انڪار ڪيو آھي ته اسان جو ڪٽائي سان ڪو تعلق ناھي ۽ انهن لکيو آھي ته ثقافت کاتي ڪارونجھر کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ يونيسڪو کي لکي ڇڏيو آھي، ٻيلي کاتي کي لکيو ويو آھي ته ان کي ٻيلي کي وڌائڻو ۽ سار سنڀال ڪرڻي آھي، جيڪو ماحولياتي آلودگي کان بچائي سگھي ٿو، ماحوليات واري کاتي کي لکيو ويو آھي ته اوھان جو کاتو اھم آھي، ڪارونجھر جي ڪٽائي جو سڌو سنئون تعلق ماحوليات سان سلھاڙيل آھي.

  • زمينن ۽ قديمي ماڳن تي قبضو ڪندڙن کي شڪست نصيب ٿي آهي: حليم عادل

مٺي: سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪڻ جي حوالي سان مقامي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، سنڌ جي زمينن قديمي، ماڳن تي قبضو ڪندڙ ھڪ سياسي خاندان کي شڪست نصيب ٿي آهي، سنڌ جي عوام کي اقليت سمجھندڙ پيپلزپارٽي جي ٺيڪيدارن کي سنڌ جي عوام اجتماعي شعور وسيلي ثابت ڪري ڏيکاريو ته ھو اقليت نه پر اڪثريت آھن، ڪارونجهر ڪيس تي عوامي آواز پاڻ ملهايو آهي،آئون عوامي آواز جي سموري سٿ کي ڪاميابي جون مبارڪون پيش ڪريان ٿو.

  • ”عوامي آواز “ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي واري اشو کي 12 ڊسمبر کان هاءِ لائيٽ ڪيو

مٺي: روزاني ”عوامي آواز “ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي واري اشوز کي 12 ڊسمبر تي ڇپيو، جنهن بعد مسلسل 26 ڏينهن عوامي آواز ڪارونجهر جي ڪيس کي فرنٽ پيج تي رپورٽ ڪيو ۽ عوامي آواز سال 2022ع جو ڪئلينڊر به ڪارونجهر تي شايع ڪيو، سڄي سنڌ جي عوام عوامي آواز جي رپورٽنگ کي ساراهيو.

  • عدالتي فيصلي جي آجيان، عوامي آواز جي ساراهه

مٺي: ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻن ننگر جي عدالت واري فيصلي کي حق ۽ سچ جي فتح قرار ڏئي ڇڏيو، عوامي آواز جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي حڪومت کان ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، فورم جي اڳواڻن الهرکيو کوسو، ذوالفقار کوسو، غلام مصطفىٰ دل، رميش ڪارونجهري، ساگر خاصخيلي، واگهو مل ميگهواڙ ۽ ٻين چيو آهي ته ننگرپارڪر جي جج سيد ڪرم علي شاھ جي عدالت جو فيصلو حق ۽ سچ جي فتح آهي، اسان عدالتي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، هنن چيو ته هاڻي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي جبل کي ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪن، هن چيو ته اسان عوامي آواز جي سموري سٿ کي سلام ٿا پيش ڪريون جنهن شروع کان وٺي آخر تائين ڪيس کي پنهنجو ذاتي ڪيس سمجهي ڪوريج ڪئي، عوامي آواز هميشه سنڌ جي اهم مسئلن تي پاڻ ملهايو آهي، ڪارونجهر ڪيس کي عوامي آواز ڀرپور نموني ڪوريج ڪيو آهي.

  • ڪارونجھر ڪٽڻ معنيٰ ھيري جا آنا ڏيندڙ ڪڪڙ ڪهڻ: عدالت

مٺي: سول اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ننگرپارڪر سيد ڪرم علي شاھ جي عدالت پنهنجي تاريخي فيصلي ۾ مثال ڏيندي لکيو آھي ته ڪارونجھر کي ڪٽڻ ان مرغي کي ڪٽڻ آھي، جيڪا روزاني سونا نه ھيري جا بيدا ڏيندي آھي، ڪارونجھر کي 1973ع جو آئين حق ڏي ٿو، ڇو ته ڪارونجھر سان مقامي ماڻھن ۽ عام ماڻھن جا حق ھڪ ٻئي سان جڙيل آھن، جيڪو آئيني طور مليل آھن، آرٽيڪل 14جي تحت عزت جو حق، آرٽيڪل 18 جي تحت واپار، آرٽيڪل 20 جي تحت مذهبي جڳھن جي حفاظت ڪرڻ، آرٽيڪل 28 تحت ثقافت جو تحفظ ڪرڻ جو حق مليل آھي، جبل کي ڪٽڻ پاڪستان جي آئين 1973جي خلاف ورزي آھي، جنھن ۾ واضع طور تي لکيل آھي ته رياست کي ملڪيت صرف چند ماڻھن جي ھٿن ۾ ڏيڻ کان روڪيل آھي، اھو چئي سگھجي ٿو ته رياست کي اھڙو ڪو به ڪم ناھي ڪرڻو جنهن مان فائدو گھٽ ۽ نقصان وڌيڪ ھجي ۽ اھو سڀ ڪجھ عالمي معاهدن ۽ ڪنوينشن جي به خلاف ورزي آھي.

  • سڀئي ادارا ڪارونجھر جي ڪٽائي تي خاموش ۽ مطمئن ! سول ڪورٽ

مٺي: سول اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ننگرپارڪر سيد ڪرم علي جي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لاڳاپيل کاتن کي مخاطب ٿيندي لکيو آهي ته اوھان سڀئي ڪارونجھر جي ڪٽائي واري عمل تي خاموش ۽ مطمئن نظر آيا آھيو، عدالت روينيو کاتي کي مخاطب ٿيندي لکيو آھي ته اوھان کي سرڪاري ملڪيت جي حفاظت ڪرڻي آھي، چاھي اھو حڪومت جي حق ۾ ھجي يا نه، معدنيات کاتي کي لکيو آھي ته معدنيات عام طور تي بھتر ھوندي آھي، جيڪڏھن ڪير اُن کي غلط استعمال ڪري ٿو ته اوھان کي ان جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ پنھنجي آفيسرن کي رپورٽ ڪرڻ گھرجي، جھنگلي جيوت کاتي کي لکيو ويو آھي ته اوھان جيڪو پھرين کان ويجيلنس ڪاميٽي جو حصو آھيو، اوھان کي جھنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.