خضدار ڀرسان وين ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 6 ڄڻا فوت

خضدار (م ڊ) خضدار ويجهو روڊ حادثي ۾ 6 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، رپورٽ موجب خضدار جي تعلقي وڍ ويجهو مسافر وين ۽ ٽرالر ۾ ٽڪرٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 16 زخمي ٿي پيا، ريسڪيو اختيارين موجب مسافر وين ڪراچي مان خضدار اچي رهي هئي ته روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي کان پوءِ مقامي ماڻهن ريسڪيو کي اطلاع ڏنو جنهن تي زخمين کي فوري طور تي طبي امداد جي لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته فوت ٿي ويلن جا لاش به مرده خاني ۾ منتقل ڪيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.