پ پ سنڌ جي عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن: خرم شير زمان

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم شير زمان چيو آهي ته آصف علي زرداري جي قيادت ۾ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيعوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن. ڪراچي جي انصاف هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم شير زمان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته 13 سالن ۾ ٿر ۾ هزارين ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، بلاول زرداري لانگ مارچ جو اعلان ڪيو، سنڌ ۾ عوام کي پيئڻ جو پاڻي به فراهم ناهي ڪيو ويو.  خرم شير زمان چيو ته سندس نااهل حڪومت سنڌ جي عوام لاءِ ٽرانسپورٽ جي نظام لاءِ ڪجهه نه ڪيو، هن چيو ته سنڌ جي گهرو کاتي جو قلمدان مراد علي شاهه وٽ آهي، ڪراچي ۾ هزارين گاڏيون ۽ موبائيل فون ڦري ويا، چوري ٿيل گاڏين جي نقصان جو اندازو 4 ارب رپين کان وڌيڪ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.