وزير اعظم  اختيارن کان مٿانهون ڪم ڪري رهيو آهي: رضا رباني

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته وفاقي پارلياماني حڪومت ۾پارلياماني احتساب هڪ اهم جز آهي.

هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته وزير اعظم کي اختيار ناهي ته ڪنهن کي پارليامينٽ جي سامهون پيش ٿيڻ کان روڪي.

هن چيو ته وزير اعظم کي اختيار ناهي ته پارليامينٽ ۾طلب ڪنهن شخص جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي نامزد ڪري، نيب چيئرمين کي پيش ٿيڻ کان روڪي وزير اعظم پنهنجي اختيارن کان مٿانهون ڪم ڪيو آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته ڪميٽي تي رڳو چيئرمين جو ڪنٽرول هوندو آهي، ڪو ٻيو ان تي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي.

واضح رهي ته پارليامينٽ جي هڪ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نيب چيئرمين جسٽس ( ر ) جاويد اقبال کي طلب ڪيو هو،  پر هو پيش نه ٿيو، نيب پاران قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري جي نالي لکيل خط پيش ڪيو ويو.

خط ۾ چيو ويو هو ته نيب چيئرمين پي اي سي سميت ڪنهن به اسٽينڊنگ ڪميٽي، آئيني اداري ۽ خود مختيار اداري جي آڏو بطور پرنسپال اڪائونٽنگ آفيسر پيش نه ٿيندو، چيئرمين نيب جي نمائندگي ڊي جي نيب ڪري رهيو آهي، جنهن جي منظوري وزير اعظم ڏني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.