ن ليگ سان دوستيون آهن ۽ هلنديون، جهانگير ترين

لاهور( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته ن ليگ سان دوستيون پراڻيون آهن ۽ اُهي ائين ئي هلنديون رهنديون.

ن ليگ جي سينئر اڳواڻ خواجه سعد رفيق جي نياڻي جي شادي تقريب ۾ مختلف سياسي پارٽين سان واسطو رکندڙ اڳواڻن شرڪت ڪئي، جڏهن ته تقريب ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ شُگر ملز ڪيس جي نامزد جوابدار جهانگير ترين به شرڪت ڪئي ۽ صحافين جي نظرن ۾ رهيو.

تقريب دوران جهانگير ترين سان سياسي حوالي سان سوال ٿيندا رهيا، هڪ صحافي کانئس سوال ڪيو ته ڇا جهانگير ترين جو جهاز ڪڏهن ن  ليگ طرف وڃي سگهي ٿو؟، جنهن تي جهانگير ترين چيو ته جهاز ته ڪنهن به طرف وڃي سگهي ٿو، خواجه سعد رفيق منهنجو ڀاءُ آهي ۽ گڏ ڪٽنب ۾ رهي چڪا آهيون، ن ليگ سان دوستيون پراڻيون آهن ۽ ائين ئي هلنديون.

شادي جي تقريب ۾ شريڪ سردار اياز صادق صحافين سان ڳالهائيندي مذاق ۾ چيو ته جهانگير ترين ن ليگ ۾ شمولت جي سوال تي مرڪندو رهيو، هن کان اوهان صحافي مرڪڻ جو سبب ته پڇو، جنهن بعد اياز صادق پاڻ ئي مذاق ۾ چيو ته جهانگير ترين هجي يا ڪو ٻيو، هن وقت عمران خان کانسواءِ تحريڪ انصاف جو هر اڳواڻ مرڪي رهيو آهي.

هڪ وڌيڪ صحافي جهانگير ترين کي سواليا انداز ۾ چيو ته جهانگير ترين شادي جي تقريب ۾ گهوٽ لڳي رهيو آهي، جنهن تي ترين گروپ جي هڪ اڳواڻ راجا رياض چيو ته آئون جهانگير ترين کي گهوٽ نظر اچڻ تي واڌايون ڏيان ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.