سنڌ حڪومت جو تعليمي بورڊز جي سڌارن ۽ ڊجيٽلائيزيشن جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي بورڊز ۽ يونيورسٽيز بابت وزير اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ سڀني تعليمي بورڊز جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ تعليمي بورڊز جي سڌارن ۽ ڊجيٽلائيزيشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ سيڪريٽري بورڊز، چيئرمين اسلام آباد بورڊ، سي او او پنجاب اِگزيمنيشن ڪميشن، پشاور ۽ سنڌ بورڊز جي تعليمي بورڊز جي چيئرمينز شرڪت ڪئي.

اسلام آباد بورڊ جي چيئرمين قيصر عالم اجلاس کي آٽوميشن ۽ ڊجيٽلائيزيشن تي تفصيلي بريفنگ ڏني.

اجلاس کي پنجاب اِگزيمنيشن ڪميشن جي چيئرمين ڪميشن جي قيام جي مقصدن ۽ پهرين جماعت کان 8 جماعت جي اسيسمينٽ ۽ امتحانن جي نظام ۾ ڪيل سڌارن بابت به آگاهه ڪيو.

اجلاس کي سنڌ جي تعليمي بورڊز کي آٽوميشن ۽ ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ کنيل قدم کان آگاهه ڪيو ويو.

اسماعيل راهو ايڊيشنل سيڪريٽري بورڊز، ڪراچي ۽ نوابشاهه جي تعليمي بورڊز جي چيئرمينز تي ٻڌل 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

ڪميٽي سنڌ جي سڀني تعليمي بورڊز جي سڌارن ۽ ڊجيٽلائيزيشن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ پنهنجون سفارشون جوڙيندي.

اسماعيل راهو چوڻ هو ته سڀني تعليمي بورڊز جو رزلٽ ڊجيٽلائيز ڪرڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي، سڀئي تعليمي بورڊز آٽوميشن ۽ ڊجيٽلائيزيشن ٿيڻ کان پوءِ استاد گھر ويٺي به پيپر چيڪ ڪري سگندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.