ڪراچي شهري وڏي دهشتگردي کان بچي ويو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي پوليس گارڊن واري علائقي ۾ ڪچري جي ڍير تان 20 دستي بم هٿ ڪري ورتا، جن کي ناڪارا بڻايو ويو.

پوليس موجب گارڊن جي علائقي ڌوٻي گهاٽ ۾ گند جي ڍير تان 20 دستي بم مليا، جن ۾ بارودي مواد موجود هو.

ايس ايس پي سٽي سرفراز  نواز ٻڌايو ته بمن کي  هڪ شاپنگ بيگ ۾ وجهي گتي جي دٻي ۾ پيڪ ڪيو ويو هو، دٻو کُليو ته بم نظر آيا.

پوليس موجب دستي بمن جي اطلاع ملڻ تي وڏي نفري پهچي وئي ۽ بمن کي تحويل ۾ وٺي گارڊن ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو ۽ بم ڊسپوزل يونٽ کي طلب ڪري سمورن بمن کي ناڪارا بڻايو ويو.

ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته سمورن بمن کي ڊيٽونيٽرز لڳل هئا ۽ اُنهن ۾ بارودي مواد به موجود هو.

ايس ايڇ او امداد خواجه ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ هڪ ڪچرو چونڊيندڙ شخص پاڙيسري شهري کي بم ملڻ بابت اطلاع ڏني، بعد ۾ پوليس کي آگاهه ڪيو ويو ۽ پوليس سان گڏ رينجرز جي وڏي نفري به پهتي ۽ کوجي ڪتن جي مدد سان پوري علائقي جي جهڙتي ورتي وئي، پر بمن کانسواءِ  آپريشن دوران وڌيڪ ڪابه اهڙي شئي نه ملي.

پوليس ٻڌايو ته بم فيڪٽري ميڊ آهن ۽ هنن کي آر جي سڪسٽي نائن سڏيو ويندو آهي، هر بم ۾ لڳ ڀڳ 65 گرام بارودي مواد موجود هو.جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.