بلوچستان ۾ برسات جي تباهي، وزير اعظم پاران امدادي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت

اسلام  آباد( ويب ڊيسڪ ) وزير اعظم عمران خان بلوچستان جي وڏي وزير کان برساتن دوران ٿيل نقصان جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

وزير اعظم عمران خان نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي کي گوادر ۽ تربت ۾ متاثرن کي فوري طور امداد پهچائڻ جي هدايت ڪندي  چيو ته متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي.

ان کانسواءِ سامونڊي فوج جو برساتن ۽ ٻوڏ سٽيل بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جي سامونڊي پٽي ۾ امدادي آپريشن جاري آهي.

سامونڊي فوج جي ترجمان موجب متاثر علائقن ۾ کاڌ خوراڪ، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ ٻيون ضروري شيون پهچائڻ جو سلسلو جاري آهي، ميڊيڪل ٽيمن مختلف هنڌن تي ڪئمپس قائم ڪيون آهن، جتي ماڻهن کي علاج ۽ مفت دوائون فراهم پيون وڃن.

ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته سامونڊي فوج جي جوانن ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، مختلف علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ مقامي ماڻهن جي مدد ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.