ڪورونا وائرس: مسجد الحرام ۾ داخل ٿيڻ لاءِ رستا مختص

رياض (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون جي پکڙجڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي مسجد الحرام ۾ داخل ٿيڻ لاءِ رستا مختص ڪيا ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب عمرو ڪندڙن لاءِ 34 رستا مختص ڪيا ويا آهن ۽ هر رستي تي سماجي وٿيءَ بابت آگاهي جا هدايت ناما لڳايا ويا آهن.

ٻي پاسي مسجد الحرام جي سڀني عمارتن جي صفائي ۽ جراثيم مار اسپري کي وڌايو ويو آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي هاڻ پاڪ هنڌن تي ڏينهن ۾ 10 ڀيرا جراثيم مار اسپري ڪيو وڃي ٿو.

ان کانسواءِ حفاظتي قدمن کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪ ڪتاب جي نسخن جي به باقاعده صفائي ڪئي وڃي ٿي.

مسجد الحرام جي هڪ عهديدار جو چوڻ هو ته هدايت نامن کي عمرو ڪندڙن جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي مختص رستن تي لڳايو ويو آهي جڏهن ته حاجين ۽ نمازين کي مخصوص وقت ۾ مسجد ۾ پهچ جي اجازت ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.