فلسطين ۾ حادثو، 8 ڄڻا فوت

يروشلم (ويب ڊيسڪ) فلسطين  ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 8 فلسطيني فوت ٿي ويا.

فلسطين جي والاريل اولهه ڪناري هڪ وين ۽ سيمينٽ جي ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 8 فلسطيني فوت ٿي ويا.

پرڏيهي ميڊيا موجب فلسطيني صدر محمود عباس حادثي تي هڪ ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته ان حادثي ۾ زخمي ٿيلن ٽن ڄڻن کي هيلي ڪاپٽرن ذريعي اسرائيلي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. اسرائيل جي بچاءَ واري وزير بيني گرانٽس جي آفيس طرفان  ان حادثي تي عبراني ۽ عربي ٻولين ۾ همدردي جو بيان جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.