دل جي بيمارين سبب عورتن جو دماغ مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو

تقريبن ٻه هزار اڌڙوٽ ۽ بزرگ ماڻهن تي تحقيق کان پوءِ آمريڪي ماهرن دريافت ڪيو آهي ته دل جي بيمارين سبب مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جو دماغ وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو.

اها تحقيق ميو ڪلينڪ، منيسوٽا ۾ ڊاڪٽر ڪليفرڊ جيڪ جي سربراهي ۾ ڪيترن ئي سالن تائين جاري رهي جنهن ۾ 50 کان 69 سالن جي 1857 رضاڪارن ۾ وقفي وقفي سان دل جي صحت ۽ دماغي صلاحيتن جو جائزو ورتو ويو.

مطالعي جي پڄاڻي تي جتي هڪ ڀيرو وري اها تصديق ٿي ته دل جي خرابي جو اثر سڌيءَ ريت دماغ کي به متاثر ڪري ٿو، اتي ئي اها به خبر پئي ته مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي دماغ کي دل جا مرض وڌيڪ نقصان رسائن ٿا.

واضح رهي ته انساني جسم ۾ سڀ کان وڌيڪ آڪسيجن جي ضرورت دماغ کي هوندي آهي. رت ۾ آڪسيجن جذب ٿي ڪري جسم جي هر حصي تائين پهچندي آهي.

اهو ئي سبب آهي جو دل جي ڪمزوري جي نتيجي ۾ جتي رت جي فراهمي متاثر ٿيندي آهي اتي ئي دماغ کي ملندڙ آڪسيجن ۾ به گھٽتائي ٿيندي آهي جنهن سبب دماغ جي صحت تي خراب اثر پوندا آهن، ۽ ائين دل سان گڏوگڏ دماغ به ڪمزور ٿيڻ لڳندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.