پاڻ مرادو هلڻ جي صلاحيت رکندڙ ٽريڪٽر تيار

فصل پوکائي لاءِ اوزار تيار ڪندڙ ڪمپني جان ڊيئري پاڻمرادو هلڻ جي صلاحيت رکندڙ ٽريڪٽر متعارف ڪرائي ڇڏيو جنهن کي هاري سمارٽ فون ذريعي ڪنٽرول ڪري سگھندا جڏهن ته اهو 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي به صلاحيت رکي ٿو.

ڪمپني طرفان 8 آر نالي ٽريڪٽر کي آمريڪي شهر لاس ويگاس ۾ هر سال ٿيندڙ سي اي ايس نمائش دوران پيش ڪيو ويو.

ان ٽريڪٽر جي آزمائش 2019ع کان آمريڪا ۾ ڪجهه هاري ڪري رهيا هئا ۽ هاڻ وڃي ان کي دنيا آڏو پيش ڪيو ويو آهي.

ان ٽريڪٽر ۾ 6 ڪيمرائون ۽ اي آءِ ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو ويو آحي ته جيئن زمين تي پنهنجي پوزيشن کي چيڪ ڪندي پنهنجو رستي ۾ ايندڙ ڪنهن شيءِ جي آڏو بيهجي وڃي.

ٹریکٹر میں نصب کیمرے — اے ایف پی فوٹو

ڪمپني موجب اهي ڪيمرائون ۽ ڪمپيوٽرز ٽريڪٽر  جي ٻاهرين باڊي تي هڪ ڏينهن ۾ لڳائي سگھجن ٿيون ۽ هن سال ڪمپني اهڙا 20 ٽريڪٽر وڪرو ڪندي.

پر هيل تائين ان جي قيمت جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

ڪمپني ٻڌايو ته عالمي سطح تي افرادي قوت جي کوٽ جو بحران وڌيڪ وڌي ويو آهي ۽ زرعي شعبو ماڻهن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي.

اهڙين حالتن ۾ ان قسم جي ٽيڪنالوجي سان ليس ٽريڪٽر زرعي پيداوار کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھندو.

اے ایف پی فوٹو

ڪمپني ٻڌايو ته هاري مختلف چيلينجز جهڙوڪ مٽجندڙ موسم، مٽي جي معيار، ٻجن ۽ جيت مار دوائن جي انتظامن کي منهن ڏئي رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ زرعي پيداوار جي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي.

اهو نئون ٽريڪٽر پري رهندي به سمارٽ فون ذريعي ڪنٽرول ڪري سگھبو ۽ ٻجن کي زمين ۾ پوکڻ ۾ به مدد فراهم ڪندو.

ان کي سڀ کان اڳ آمريڪا ۾ ئي وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي پر ٻين ملڪن ۾ ان جي دستيابي جي حوالي سان ڪمپني في الحال ڪجهه ناهي ٻڌايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.