ٽوئيٽر ٽڪ ٽاڪ جي طرز جو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر ٽڪ ٽاڪ جي طرز جو وڊيو ري ايڪشن فيچر آزمائش لاءِ پيش ڪري ڇڏيو.

ٽوئيٽر طرفان اهو فيچر آزمائشي طور تي رڳو آءِ او ايس آپريٽنگ سسٽم وارن واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن تحت واهپيدارن ڪنهن به تصوير، وڊيو يا ٽوئيٽ تي رد ڏيندي وڊيو ٺاهي سگھندو.

ڪمپني موجب واهپيدار جڏهن به ڪنهن ٽوئيٽ تي ري ٽوئيٽ ڪندو ته ان جي آڏو 3 آپشنز ظاهر ٿيندا، جن مان 2 پراڻا (ري ٽوئيٽ، Quote ري ٽوئيٽ) جڏهن ته ٽيون Quote Tweet with reaction جي نالي سان هوندو.

واهپيدار جڏهن به ٽوئيٽ جي چونڊ ڪري وڊيو ٺاهيندو ته اهو ٽوئيٽ ان تي نظر ايندو. هڪ ڳالهه ٻي اهم آهي ته رد عمل لاءِ وڊيو کي لائيو ئي شيئر ڪرڻو پوندو. ٽوئيٽر پروڊڪٽ جي آفيسر سيم هاويسن واهپيدارن کي سمجهائڻ ۽ سولائي لاءِ هڪ وڊيو به شيئر ڪئي ۽ ٻڌايو ته مستقبل ۾ واهپيدار ڪنهن به ٽوئيٽ تي رد عمل جي اظهار جو بهترين موقعو حاصل هوندو.

اڃا تائين اها ڳالهه سامهون ناهي اچي سگھي ته ان فيچر کي اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ ڪڏهن پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.