حبا بخاري ۽ آريز احمد شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا حبا بخاري ۽ اداڪار آريز احمد شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا.

سوشل ميڊيا تي حبا بخاري ۽ آريز احمد جي نڪار جي تصوير ۽ وڊيوز وائرل ٿي رهيون آهن جنهن ۾ ٻنهي کي نڪاح جي ڏينهن خوشگوار موڊ ڏسي سگھجي ٿو.

حبا ۽ آريز نڪار جي ڏينهن آف وائيٽ رنگ جي خوبصورت لباس جي چونڊ ڪئي، حبا کي آف وائيٽ ۽ گولڊن رنگ جي غراري ۾ ڏسي سگھجي ٿو جڏهن ته آريز آف وائيٽ شيرواني پهري آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Hiba Qadir (@ihibaqadir)

اداڪارا انسٽاگرام تي نڪاح جي ڏينهن جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته آئون سوچيندي هيس ته پهرين نظرڇا آهي ۽ آئون اڄ ڏسي ورتو، نظر، کِل ۽ ڳوڙها………..

ٻي پاسي آريز به حبا جي تصوير شيئر ڪندي مداحن کي نڪار ح خوشخبري ٻڌائي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Arez Ahmed (@imarezahmed)

اداڪار لکيو ته ڪجهه انسان جا منصوبا هوندا آهن ۽ پوءِ خدا جا منصوبا هوندا آهن ۽ خدا بهترين منصوبي ساز آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.