سني ليوني پاڻ کي بالي ووڊ انڊسٽري جي بيوقوف قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڊانسر ۽ اداڪارا سني ليوني پاڻ کي بالي ووڊ انڊسٽري جي بيوقوف قرار ڏئي ڇڏيو.

سني ليوني تازو ئي گلوڪار ميڪا سنگهه سان گڏ ڪپل شرما جي شو ۾ شرڪت ڪئي. جتي هن ڪپل جي سوالن جا دلچسپ جواب ڏنا. ڀارت جي خانگي چينل شو جي پرومو جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي.

شو دوران ميڪا سنگهه، سني ليوني جي وقت جي پابندي جي تعريف ڪندي چيو ته آئون سني جو وڏو مداح آهيان. جڏهن آئون هن سان گڏ ورلڊ ٽور ڪيو هو ان وقت مون کي خبر پئي ته سني ليوني ۾ هڪ سيڪڙو به نخرا نه آهن.

ميڪا سنگهه سني ليوني جي وڌيڪ تعريف ڪندي چيو ته سني وقت جي گھڻي پابند آهي ٺيڪ ستين وڳي شو تي پهچي ويندي هئي. ميڪا سنگهه جي ان ڳالهه تي سني لوني جو چوڻ هو ته ”رڳو آئون ئي ان انڊسٽري ۾”بُڌو“ آهيان جو وقت تي ايندي آهيان. سني ليوني جي ان ڳالهه تي شو ۾ موجود سڀني ماڻهن ٽهڪ ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.