ڪراچي ۾ سخت ٿڌ جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سڀاڻي کان ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

چيف ميٽرولوجسٽ موجب اولهه هوائن جو سلسلو ڪراچي مان وڃي چڪو آهي.

چيف ميٽرولوجسٽ جو چوڻ آهي ته سڀاڻي کان ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ اها شدت 16 جنوري تائين برقرار رهي سگھي ٿي.

چيف ميٽرولوجسٽ موجب 16 جنوري کان پوءِ اولهه هوائن جو هڪ ٻيو سلسلو ايران جي رستي بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.