سنڌ ۾ گھريلو عورتن جي ويڪسينيشن بابت اهم فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ غير ملازم پيشه ۽ گھريلو عورتن ۾ ڪورونا ويڪسينيشن انتهائي گھٽ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومري موجب گھريلو عورتن جي ويڪسينيشن گھٽ ٿيڻ ڪري اومي ڪرون تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جنهن سبب صوبي ۾ گھريلو عورتن جي ويڪسينيشن جو هنگامي منصوبو شروع ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ گھر گھر وڃي گھريلو عورتن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي ويندي.

قاسم سومري جو چوڻ هو ته ان سلسلي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تربيت جاري آهي ۽ ايندڙ هفتي کان گھر گھر وڃي ويڪسينيشن شروع ٿي ويندي، ليڊي هيلٿ ورڪرز سان گڏوگڏ عورت ويڪسينيٽرز کي به ويڪسينيشن لاءِ موڪليو ويندو، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ عورت ويڪسينيٽرز مردن ۽ ٻارن کي به ويڪسين لڳائينديون.

هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڪورنگي، ملير ۽ اوڀر جي ڪجهه علائقن ۾ عورتن جي ويڪسينيشن انتهائي گھٽ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.