دوائن جي اگھن ۾ واڌ ٿيندي يا نه، اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) جي چيئرمين چيو آهي ته دوائن جي اگھن ۾ واڌ نه ٿيندي ۽ دوائن جي شعبي کي ريفنڊ بروقت ملندو.

سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايف بي آر چيئرمين اشفاق احمد به شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران ايف بي آر چيئرمين ٻڌايو ته ٽيڪس فري سلائي مشين جي درآمد کي مس يوز ڪيو پيو وڃي، ان تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ان کي روڪڻ ايف بي آر جو ڪم آهي، سلائي مشين تي سيلز ٽيڪس سان عام ماڻهو جي ڏکيائين ۾ واڌ ٿيندي، امير ماڻهو ته بوتيڪ ويندا آهن پر غريب اڃا به پنهنجا ڪپڙا پاڻ سبندو آهي.

ايف بي آر چيئرمين اجلاس کي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جو چوڻ هو ته تيزي سان ريفرينڊ ڏيو ۽ غريبن کي ڊائريڪٽ سبسڊي ڏيو، رهجي ويندڙ زرعي شين تي به سيلز ٽيڪس لڳايو ويندو ۽ سيلز ٽيڪس ۾ سڄي فرق کي ايندڙ 5 مهينن ۾ ختم ڪيو ويندو.

اشفاق احمد وڌيڪ ٻڌايو ته ايف بي آر 48 ڪلاڪن ۾ ريفنڊ ڏئي رهيو آهي ۽ ان جو ريفنڊ نظام 98 سيڪڙو درستگي تي هلي رهيو آهي.

ايف بي آر چيئرمين جو چوڻ هو ته دوائن جي اگھن ۾ واڌ نه ٿيندي ۽ دوائن واري شعبي کي ريفنڊ بروقت ملندو.

ايف بي آر چيئرمين اجلاس کي ٻڌايو ته لوڻ تي به سيلز ٽيڪس لڳائي وئي آهي، ايئر لائينز جي عارضي درآمدي شين تي به سيلز ٽيڪس لڳايو ويو آهي، ايئرلائينز سيلز ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ ٿي ريٽرنز فائل نٿيون ڪرڻ چاهين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.