ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح ۾ اڍائي سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 1293 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جون 51145 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 1293 ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.

سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 28961 ٿي ويو آهي ۽ گڏيل ڪيس 13 لک 1141 تائين پهچي چڪو آهي.

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 2.52 سيڪڙو رهي جيڪا تقريبن 3 مهينن کان پوءِ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي سڀ کان وڌيڪ شرح آهي.

ان کانسواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 239 مريض ڪورونا مان صحتياب به ٿيا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 12 لک 58086 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.