سيف ٻنوي جبر جي دور ۾صوفي ازم جي پرچار ڪئي: مقرر

جاتي (ن ع آ ) سنڌي ادبي سنگت شاخ جاتي پاران سينئر صحافي ۽ شاعر سيف ٻنوي جو يارھين ورسي ملهائي وئي. اھڙي تقريب کي زاھد سومري  ، عبدالسلام ٿھيم ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سيف ٻنوي جاکوڙي ڪردار ھو  جيڪو شاھ جي شاعري جو پارکو ۽  ڏاڍ ۽ جبر جي دور ۾ برجستو شاعر ، صحافي ۽ سياسي ڪارڪن ھو.  ھنن چيو ته سيف ٻنوي ڪميونسٽ پارٽي جو متحرڪ نظرياتي ڪارڪن سان گڏ  صوفي ازم جو پيروڪار پڻ ھو ، سيف ٻنوي مزاحمتي سوچ ۽ پيڙھيل طبقي جو درد رکندڙ صحافي ۽ سياسي ڪارڪن ھو  جنھن اخبار سميت علمي ادبي ادارا جوڙيندڙ ادارو ھو سندس شخصيت جي خوشبوء کي وساري نٿو سگهجي. تقريب کي عادل لغاري، عمر خاصخيلي ، منظور ٿھيم ، راز نواز ٻارڻ ، اشرف ملاح  ، خليل خاڪي سميجو ، ۽ بين به خطاب ڪيو ۽ مرحوم  لاءِ دعا مغفرت پڙھي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.