حيدرآباد ۾ باهه لڳڻ جا 2 واقعا، لکن جو نقصان

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد ۾ باهه لڳڻ جا ٻه الڳ الڳ واقعا. قاسم آباد جي علائقي سحرش نگر ويجھو ھڪ گھر اندر اوچتو باھ لڳي وئي، ٻن نياڻين جي ڏاج سميت گھر جو الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو. قاسم آباد  جي سحرش نگر واري علائقي ويجھو بينظير ڪالوني ۾ قائم آصف ڏھوٽ نالي شخص جي گھر کي اوچتو باھ لڳي وئي، جنھن سبب گھر ۾ پيل ٻن نياڻين جي ڏاج سميت ھڪ موٽرسائيڪل ۽ گھر جو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آھي. ان حوالي سان گھر مالڪ آصف ڏھوٽ ٻڌايو ته گذريل رات دير سان شارٽ سرڪٽ سبب اوچتو باھ لڳي وئي، جنھن بابت فائربرگيڊ کي اطلاع ڏنو، پر فائربرگيڊ عملو نه آيو ۽ باھ سبب گھر جو سمورو سامان سڙي ويو آھي، اسان رڳو پنھنجون جانيون بچائي سگھياسين. ھن چيو ته گھر ۾ پيل ٻن نياڻين جي ڏاج سميت لڳ ڀڳ 6 لک روپين جو سامان سڙي ويو آھي. ٻئي طرف قاسم آباد ۾ نسيم نگر ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻڍو پالاري ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب سينيٽري جي دڪان کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب دڪان ۾ پيل لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو. ان ڏس ۾ دڪان متاثر مالڪ دلدار ابڙي ٻڌايو ته بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب دڪان کي باهه لڳي آهي. مون بئنڪ مان قرض کڻي دڪان کوليو هو. باهه سبب منهنجو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته منهنجو 6 لک روپين جي ماليت جو نقصان ٿيو آهي. مطالبو ڪيو ته منهنجي واهر ڪئي وڃي.

  • ڪوٽڏيجي ڀرسان بدامني، 14 ڀلوڙ ٻڪريون چوري

ڪوٽڏيجي(ن ع آ) ڪوٽڏيجي پوليس بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام چوري ڦورو ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل ڳوٺاڻا راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور گذريل رات ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڄاڃي ٻرڙا چونڪي ڀرسان ڳوٺ فيض محمد گونڌل مان نامعلوم چورن  ڳوٺاڻي محمد اسلم گونڌل جي گھر مان 9 ڀلوڙ نسل جا ٻڪر ۽ 5 ڀلوڙ گلابي نسل جون ٻڪريون آساني سان ڪاھي فرار ٿي ويا  اھڙي اطلاع ڳوٺاڻا ڪوٽڏيجي پوليس کي ڏني پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل معلوم ڪيا پوليس متاثر ڳوٺاڻن جي مدد سان کوجي ڪتا گهرائي پيراڍو ۽ کوجي ڪتن ذريعي پيرا کنيا جيڪو ڪجهه فاصلي تان رند برادري جي گهر ۾ کوجي ڪتا ويهي رهيا جتان پوليس شڪ ۾ هڪ ڄڻي کي بغیر لائسنس جي بندوق سميت گرفتار ڪري کڻي وئي متاثر ڳوٺاڻن  محمد اسلم، عمران خان ،اڪبر ،جافر، امان الله گونڌل ۽  ٻين صحافين آڏو دانهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.