نارو ۾ ڪامورن جي ملي ڀڳت سان ڀاڻ بليڪ تي وڪرو، احتجاج

نارو (ن ع آ) نارو ۾  يوريا ڀاڻ جي ڊيلر مافيا  اي سي ۽ مختيار ڪار نارا جي ملي ڀڳت سان ڀاڻ جي بليڪ عروج تي ۽ مظلوم هاري ۽ ننڍا زميندار سري عام لٽجڻ لڳا نارو جي مين شھر چونڊڪو۾  ڊيلر مافيا سري عام اي سي ۽ مختيار ڪار جي آشيواد سان 1768وارو يوريا 2700 ۾ فروخت ڪري رهيا آھن اهڙي قسم جو الزام هڻندي ۽ داهيندي آبادگارن محمد بچل ڌاريجو دانھ خان سهتو ممتاز دلشاد صوف ملاح ۽ٻين ميڊيا سان ڳالهائيدي ڪيو ۽ انهن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته ڪجھ ڏينهن اڳم نارو جي ڪجھ ماڻھن هڪ ڀاڻ سان ڀريل 22 ويلر روڪيو هيو جيڪو اي سي ۽ مختيار ڪار پنهنجي آفس ۾ خالي ڪرايو هيو ۽ مسلسل 4ڏينهن اسان نارو واسين کي گهرائي بيوفوق ڪندا رهيا ۽ ان مان ڪجھ ڀاڻ جو ٻوريون پنهنجي من پسند ماڻھن ۾ ورهائي ۽ باقي ڀاڻ ڀاڻ ڊيلر هوالي ڪيو ويو . ۽ اسان کي ايهو ٻڌايو ويو ته ڀاڻ جي واپارين سان معاملا طع ٿي ويا آھن ۽ هاڻي هر نارو واسي کي چونڊڪو جي بازار مان 2200روپيه تي ڀاڻ ملي سگهندو ، جيڪو هن ٽائم تائين ناهي ٿي سگهيو ۽اسان کي بليڪ مافيا لٽي رهي آھي لڳي ٿو ته اي سي ۽ مختيار ڪار پنهنجي جيب گرم ڪرڻ خاطر اسان کي واپارين هٿان لٽائي رهيا آھن ان قسم جون خبرون اڳ به ميڊيا تي هليون آھن پر ڪنهن جي به ڪن تي ڪا جون نه  چري   پر اسان وري به ان اميند سان ايها پر زور اپيل ٿا ڪيون ڪمشنر سکر ڊي سي خيرپور ۽ اسان جي اعلا ايوانن ۾ ويٺل نمائندن کي ته خدارا ڀاڻ جي بليڪ ختم ڪرائي اسان جي ٻچن جي پيٽ جا داڻا نه کسيا وڃن ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.