بٺوري ۾ ڪارروائي ڀاڻ جون 800 ٻوريون ٽرالر سميت ھٿ

ميرپور بٺورو ۾ (ن ع آ)ميرپوربٺورو ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ هئڻ سبب يوريا ڀاڻ آبادگارن لاءِ اڻلڀ ٿي ويو آهي، جڏهن ته  اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور بٺورو اطلاع ملڻ تي سجاول بٺورو روڊ تي ڪارروائي ڪندي 800 ٻوري يوريا ڀاڻ سميت ٽرالر پڪڙي شهر کان ٻاهر نوراني پمپ تي بيهاري پوليس اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اطلاع تي آبادگار پهچي ويا ۽ ڀاڻ سرڪاري اگهه تي آبادگارن کي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور بٺورو ٻڌايو ته يوريا ڀاڻ جي ٽرالر جي انوائس سويرا نالي ڊيلر جي هئي ۽ جاچ پڙتال تي اهڙو ڪوبه ڊيلر نه مليو جڏهن ته ٽرالر پڪڙجڻ جي ڪجهه دير ۾ واپاري ايشور داس پهچي ڀاڻ جي مالڪي جي دعوي ڪئي، هوڏانهن ڀاڻ جو ٽرالر پڪڙجڻ جو ٻڌي سوين آبادگار پهچي ويا ۽ ڀاڻ سرڪاري اگهه تي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ليڪن انتظامي عملدارن جي کسڪي وڃڻ سبب اهڙو عمل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ڪجهه ئي دير کان پوءِ يوريا ڀاڻ سان ڀريل ٽرالر واپاري جي ملز اندر لهي ويو، ذريعن موجب انتظاميا، آبادگارن ۽ واپاري ۾ ڀاڻ سرڪاري اگهه تي ورهائڻ بابت طئي ٿيو آهي، هوڏانهن آبادگارن اهو خدشو پڻ ظاهر ڪيو آهي ته واپارين ۽ انتظاميا جي ملي ڀڳت سبب ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ڪئي ويندي ۽ واپاري کوٽ جو فائدو وٺندي سرڪاري اگهه کان وڌيڪ اگهه تي ڀاڻ وڪرو ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.