ڪڍڻ ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ۽ نه ملڻ خلاف چوٿين ڏينهن به ڌرڻو

ڪڍڻ ( رپورٽ:  بابو کوسو  )ڪڍڻ  چوٿين ڏينھن پريس ڪلب ڪڍڻ اڳيان يوريا ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ وڌيڪ اگھ وٺڻ خلاف ۽ آبادين جا مناسب ريٽ نه ملڻ لاء ٽيل آبادگار ايسوسئشن جي سڏ تي مير واحد  بخش بروھي غفور چانڊيو گل محمد گرگيز وڪيو لنجار نواز بروھي بھادر چانڊيو چندو ڪولھي پٽيل کيتو ڪولھي سميت ٻيا آبادگار شامل ھئا ھنن بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙ واپارين خلاف ڪندڙ اڳواڻن احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي چيو ته صبحاڻي چيف جسٽس بدين ٿرپارڪر جي بارڪائونسل جي دعوت تي پيو اچي آسين مطالبو ٿا ڪريون ته چيف صاحب اسان جي حڪمرانن ۽ ڀاڻ ڪمپنين ڊيلرن گڏجي بليڪ مارڪيٽنگ ڪري اسان آبادگارن کي ست ارب روپيا نقصان ڏنو آھي جيڪو آبادگارن جو سراسر معاشي قتل عام آھي جنھن جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي يوريا سرڪاري ريٽ ڏنو وڃي تي ڏنو وڃي ايريگيشن نظام جي اندر ھلندڙ ڪرپشن بند ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.