جمس ڊائريڪٽر کي هٽائڻ لاءِ سياسي سماجي اڳواڻن جا ڌار ڌار مظاهرا

جيڪب آباد (ڊر) شهر جي سياسي، سماجي، ديني ۽ واپاري تنظيمن جي شهر اتحاد طرفان جمس جي ڪرپٽ ڊائريڪٽر عبدالواحد ٽڳڙ ۽ ٺيڪيدار شاهد شاهه کي هٽائڻ لاءِ 17 هين ڏينهن به بي اين پي مينگل ۽ ايم ڊبليو ايم جي ميزباني ۾ شهر جي اهم ڊي سي چوڪ تي 2 ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ۽ قائد اعظم روڊ تي وڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ڪري ٽائر پڻ ساڙيا ويا، جنهن جي ڪري ڪافي دير تائين ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جنهن ۾ سوين شهرين، واپاري اڳواڻ ۽ مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ تنظيمن ڌار ڌار مظاهرو ڪڍي ڪري شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شهري اتحاد جي صدر محمد اڪرم ابڙو، ڊاڪٽر اي جي انصاري، علامه مقصود ڊومڪي، وسيم لطيف مهر،  مير عبدالغفور مينگل، گلاب جان مينگل، عبدالحئي سومرو، جي يو آءِ جي حماد الله انصاري، ڊاڪٽر خالد حسين ڀنگر، محمد شعبان ابڙو،  چاڪر خان جکراڻي،  فدا حسين لکڻ،  شاهد جوادي، ڊومڪي اتحاد جي عبدالفتاح ڊومڪي، جي ٽي آءِ تاج محمود امروٽي، اقليتي اڳواڻ جان پرويز، عبدالنبي لاشاري،  ميان احمد بليدي، رفيق احمد فخري، ڪي ايم ٽي جي حاجي لکمير چاچڙ، ٽيم آف ام رباب سپورٽر وحيد بروهي، عام انسان تحريڪ جي عابد سنڌي، نوجوان اتحاد جي محمد موسيٰ مهر، بي ايس او جي عدنان بلوچ، سماجي اڳواڻ سهيل احمد عباسي، ميرالي اتحاد جي علي بخش ميرالي پنهنجي تقريرن ۾ چيو ته خيرات جي پيسن مان ٺهيل جمس انسٽيٽيوٽ ۾ مريضن ۽ يتيمن جا ڪروڙين روپيا کائڻ وارا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا ويتر تباهه ۽ برباد ٿي ويندا، جڏهن ته 7 جنوري تي جمعي جي ڏينهن احتجاج نه ٿيندو ۽ جڏهن ته 8 جنوري تي شهري اتحاد جي صدر محمد اڪرم ابڙو ۽ 9 جنوري تي نيشنل پارٽي ۽ ملاح فورم جي ميزباني ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.