بي اين پي اڳواڻ عبدالله مينگل گهر جي ڇت ڪرڻ سبب فوت

حب ( رپورٽ ؛ يارمحمد بروهي ) سموري بلوچستان ۾بارشن جو  سلسلوجاري، گذريل رات ڪاڪاهير جي هنڌ تي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب بلوچستان نيشنل پارٽي جو سينيئر ۽ وڍ جوقبائلي اڳواڻ عبدالله مينگل فوت ٿي ويو. سندس جنازي نماز ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر جان مينگل، ايم پي اي اختر حسين لانگو،ايم پي اي ملڪ نصير شهواني . ايم پي اي اڪبر مينگل، در محمد مينگل،خليل احمد مينگل، وڍ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر سيف الرحمان مينگل ، ڊاڪٽر جان محمد مينگل وڍ جي سياسي ۽ قبائلي اڳواڻم شرڪت ڪئي.

  • صالح پٽ لڳ گهر ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل چوري

سکر(رپورٽر )  گذريل رات صالح پٽ لڳ عيدگاھ محلا مان چاٻي چور محمد علي خاصخيلي جي گهر جي ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل چورائي ويا، گاڏي جي مالڪن پيرا کڻي عاشق شاهه محلي ۾ ويٺل گوپانگ جي  گهر ۾ وڌا جتان موٽر سائيڪل برآمد ڪئي وئي، ان باري ۾ موٽر سائيڪل مالڪ محمد علي خاصخيلي ٻڌايو ته منھنجي گهر ٻاهران  بيٺل موٽر سائيڪل چور ڪاهي ويا هئا اسان پيرا کنيا ته عاشق شاهه محلي ۾ ويٺل مٺل گوپانگ جي گهر ۾ پيا جنهن تي صالح پٽ ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن پهچي گهر مان موٽر سائيڪل ڪڍي ڏني پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي،  هن جو چوڻ هو ته موٽر سائيڪل چور  ايس ايڇ او جو باروچي آهي ۽ صالح پٽ پوليس نه اسانجو ڪيس داخل ٿي ڪري ۽ نه جوابدار گرفتار ٿي ڪري، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او صالح پٽ ذوالفقار چاچڙ ٻڌايو ته اسان کي اطلاع مليو ته موٽر سائيڪل چوري ٿي هئي جيڪا مالڪن کي واپس ملي وئي  آهي  اسان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. ۽ ايس ايڇ او جو وڌيڪ چوڻ آھي ته اھو واسطيدار ماڻھون جيڪو آھي اھو منھنجو  بورچي وغيره نه آھي.

  • پيرڳوٺ ۾ بيڊمنٽن جو گرائونڊ نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرڳوٺ ۾ نوجوانن سلمان ميمڻ، لالا مقصود بلوچ، نعمان ميمڻ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته شهر ۾ بيڊمنٽن ٽورنامينٽ لاء گرائونڊ نه هجڻ ڪري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هنن چيو ته مختلف وقتن تي احتجاج پڻ ڪيا آهن پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي. هنن اسپورٽس جي صوبائي وزير، ۽ ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته بيڊمنٽن ٽورنامينٽ لاء گرائونڊ ڏئي پريشاني ختم ڪئي وڃي. آل پاڪستان ھنڱورا اتحاد جي گڏجاڻي، عهديدار چونڊيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.