ٽنڊي آدم ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، سائل پريشان

ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) ٽنڊي آدم ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن پاران عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ سائلين نيون تاريخون وٺي واپس روانا رپورٽ موجب پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي ٽنڊي آدم ۾ به وڪيلن پاران  عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو جنهن سبب شنواين تي آيل سائلين  نيون تاريخون وٺي  واپس هليا ويا.ٽنڊو آدم بار ڪائونسل جي صدر عمران بشير آرائين ۽ جنرل سيڪريٽري اشرف پنهور ۽ ٻين چيو ته سينيئرججز کي نظرانداز ڪري جونيئر ججز کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ خلاف عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو آھي ۔ هنن چيو ته جونيئر جج کي مقرر ڪرڻ سينيئر ججن سان ناانصافي آھي هنن گهر ڪئي ته سينيئر ججن کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.