فريدآباد ۾ بدامني، ھڪ رات ۾ 2 وارداتون

فريدآباد ( ن ع آ)فريدآباد  ڀرسان ڳوٺ ماڏو جو مشهور  زميندار محمدجمن چانڊيو جون 20 مڻ ساريون چوري ڪري ويا جڏهن ته ساريون فريدآباد  ۾ واپاري وٽ کپائيندي چور پڪڙچي پيو پوليس حوالي ڪيو ـ چور ثنالله چانڊيو کي ٿاڻي جو وڏو منشي خالد سوڍر بچائيندي راڄوڻي ڪرڻ لاء زور ڀريندو رهيو ـ صحافين کي فوٽو ڪڍڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو ـ  جڏهن ته ڳوٺ سانول ڪرٽيا ۾  ذوالفقار علي چنا جي درزڪي دڪان جا نامعلوم چور تالا ٽوڙي سلائي مشنيون ـ ڪپڙن جا 10 جوڙا ۽ ٻيو سامان ٻھاري ويا ـ جاء واردات تي پوليس نه پھتي ـ  هوڏانهن زمنيدار محمد جمن چانڊيو چيو ته منهجون ساريون چوري ڪري ويا آهن ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي۔ آء جي ڊي آء جي حيدرآباد کان نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.