گهوٽڪي ۾ بدامني، چوريون ۽ ڦرون معمول، احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي اندر چوريون ۽ ڦرون معمول بڻجي ويو , پوليس ننڊ ستل ، گهوٽڪي جي مهراڻ ڪالوني مان  هڪ هفتو پهريان پرائمري  استاد علي اڪبر مهر جي گهر مان نامعلوم چور سونا زيور ۽ روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا جڏهن ته اهڙي رپورٽ پڻ اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائيوئي پر پوليس روايت موجب  چپ بڻيل، ان حوالي سان گهوٽڪي جي استادن پاران پي ٽي الف جي صدر استاد اعجاز احمد چاچڙ ،  محمد ادريس مهر ،  علي اڪبر مهر ، قربان علي پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اي سيڪشن گهوٽڪي ٿاڻي اڳيان سخت احتجاج،  ان موقعي تي استادن جو چوڻ هو ته گهوٽڪي اندر چوريون معمول بڻجي ويون آهن، جنهن ڪري شهري سخت پريشان بڻيل آهن  پر گهوٽڪي پوليس ننڊ ستل آهي،  اسان جي استاد علي اڪبر مهر جي هڪ هفتون چوري ٿي وئي پر پوليس اڄان تائين ڪک بڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، ان موقعي تي استادن آءِ  جي سنڌ ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته فوري طور چوري واپس ڪرائي، گهوٽڪي جو امن بحال ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾  سڄي ضلعي جو تدريسي  عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.