لاڙڪاڻي لڳ پر اسرار نموني شاگرد گم ٿي ويو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي الهه آباد ٿاڻي جي حد مان 17 سالن جو نوجوان شاگرد گهران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم ٿي ويو، وارثن نوجوان  شاگرد جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي الھ آباد ٿاڻي جي حد خدا آباد پاڙي واسي 17 سالا نائين ڪلاس جو شاگرد مرتضيٰ پٽ محمد اسلم کوکر گذريل خميس رات گهران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم ٿي ويو جنهن کي سندس وارثن مٽ مائٽن، شهر جي مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪرڻ سميت حد جي الهه آباد ٿاڻي تي نوجوان جي گمشدگي بابت اين سي به داخل ڪرائي پر ان جي باوجود سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. ان حوالي سان نوجوان جي ڀاءُ مجاهد کوکر ٻڌايو ته ڀاءُ مرتضيٰ نائين ڪلاس جو شاگرد آهي جيڪو گذريل خميس رات گهران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم ٿي ويو کيس مٽ مائٽن توڙي مختلف علائقن ۾ ڳولا جي ڪوشش ڪئي پر سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو جنهن بعد اسان پوليس جي مددگار 15 بيس تي اطلاع ڏيڻ سميت حد جي الهه آباد ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي خبر ناهي ته ڀاءُ ڪهڙي حال ۾ هوندو. اسان جي سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کي اپيل آهي ته ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪري گھر ڀاتين ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.