انور پيرزادي جي 15 هين ورسي، ڪراچي پريس ڪلب ۾تقريب رٿيل

ڪراچي (رپورٽر) نامياري ترقي پسند اديب، صحافي ڀٽائي جي پارکو ۽ دانشور انور پيرزادي جي اڄ 15 هين ورسي ملهائي پئي وڃي،  انور پيرزادو 2007  ۾ ستين جنوري تي جسماني طور وڇڙي  ويو هو. انور پيرزادي جا مجموعي  طور تي 25 ڪتاب چپجي چڪا آهن. سندس علمي، ادبي، صحافتي ۽ تحقيقي ڪم تي اڄ  مختلف شهرن ۾ پروگرام  رٿيا ويا آهن. مک پروگرام سليم سيال يادگار ڪميٽي طرفان اڄ  ڪراچي پريس ڪلب ۾ شام چئين وڳي ٿي رهيو آهي. جنهن ۾نامياريون شخصيتون انور پيرادي تي مقالا  پڙهنديون ۽ خيالن جو اظهار ڪنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.