ايس ايڇ او تلهار صحافين وٽ پهتو، اجرڪ ۽ جا تحفا پيش

تلھار (ن ع آ) تلھار ۾ نئين آيل ايس ايڇ او سعيد احمد چنا عوامي پريس ڪلب تلھار پھچي صحافين سان ملاقات ڪئي،سرپرست اعلي ڊاڪٽر محمد آصف ميمڻ،صدر عاجز انور لاشاري ۽ جنرل  سيڪريٽري جاويد علي کٽي،نائب صدر شعيب علي ميراڻي پاران ايس ايڇ او تلھار سعيد احمد چنا کي عوامي پريس ڪلب ۾ اچڻ تي ڀليڪار ۾ سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفه پڻ پيش ڪيا ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سعيد احمد چنا جو چوڻ ھو ته شھر ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن جي روڪٿام لا۽ قلم ڌڻي بھتر ڪردار ادا ڪري رھيا آھن.  قلم ڌڻي ھر مسئلي بابت نشاندھي ڪن ٿا رابطن ۾ رھڻ سان شھر ۾ مسئلا کٽائي سگھجن ٿا جڏھن ته عوامي پريس ڪلب تلھار جي صدر عاجز انور لاشاري ايس ايڇ او تلھار سعيد احمد چنا وڏو منڇي مصور ڇلگري کي عوامي پريس ڪلب اچڻ تي کيس ڀليڪار ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.