جيڪب آباد لڳ گهر تي حملو، نوجوان تي تشدد، ڦر، امڙ جو احتجاج

جيڪب آباد  ( ڊر ) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد بولان پمپ ويجهو فٽبال گرائونڊ پاڙي جي رهواسيڻ پيرسن مسمات بيواهه جملان زال مرحوم محمد صديق لغاري پنهنجي نوجوان زخمي پٽ علي حيدر  لغاري سان گڏجي گڏهه گاڏي تي سوار ٿي پريس ڪلب پهچي دانهيو آهي ته چانڊيا برادري جي درجن کان مٿي مبينه جوابدارن رمضان، محمد علي.رزاق مانجهي. ادريس ۽ ٻيا لٺ بردار ٿي اسان جي گهر تي صبح ويل چڙهائي ڪري گهر اندر داخل ٿي منهنجي پٽ علي حيدر تي قاتلاڻو حملو ڪري ڏنو مان ڇڏائڻ لاءِ جوابدارن کي پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏنا پر هنن مون تي به حملو ڪري ڏنو ان دوران منهنجي ڀاءُ  مددگار پوليس کي مدد لاءِ ڪالون ڪيون پر هنن ڪال ڪون کنئي جوابدار آساني سان منهنجي پٽ کان اوڳاڙي ڪيل سيلزمين جي ڏيڍ لک رقم کسي فرار ٿي ويا عورت پٽ ۽ پنهنجي مٿان تشدد جا نشان ڏيکاريندي انصاف جي اپيل ڪندي چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.