لاڙڪاڻي ۾ ويلڊنگ جي دڪان جا تالا ٽوڙي سامان چوري

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد مارڪيٽ ٿاڻي جي سامهون نامعلوم چورن ويلڊنگ جي دڪان جا تالا ٽوڙي سولر پليٽ ۽ بجلي جا موٽر چوري ڪري فرار ٿي ويا، صبح جي وقت دڪان کولڻ شرط دڪان جو شٽر مٿي ڏسي دڪان مالڪ پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي ويلڊنگ دڪان جي مالڪ مبين ڪلهوڙو ٻڌايو ته رات معمول موجب آءُ دڪان بند ڪري گهر ويو هيس صبح جي وقت دڪان کولڻ وقت خبر پئي ته چورن دڪان جا تالا ٽوڙي 60 هزار روپين جو سولر پليٽ ۽ بجلي جا موٽر چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن اهڙو اطلاع حد جي دڙي ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو پر پوليس روايتي طور تفصيل وٺي رواني ٿي وئي آهي. هن چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته منهنجو دڪان مارڪيٽ ٿاڻي جي سامهون هئڻ سان گڏ ٻن ٿاڻن جي ويجهي مفاصلي تي آهي جتي اڪثر پوليس اهلڪار موجود هوندا آهن پر ٿاڻي جي سامهون چوري جي واردات پوليس جي ناڪامي جو کليل ثبوت آهي. منهنجي وس وارن کي اپيل آهي ته چورن کي گرفتار ڪري سولر پليٽ ۽ بجلي جا موٽر واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.