لاڙڪاڻي ۾ نوجوان بيٽري جو پاڻي پئي آپگهات ڪوشش ڪئي

لاڙڪاڻو( ڊ ر) آريجا ڦيڙو ڀرسان ڳوٺ ڳوٺ شير محمد مائري ۾ نوجوان ياسين پٽ نورل ڪلهوڙو مبينا طور پنهنجي پيءُ سان معمولي ڳالهه تان ڪاوڙجي گهر اندر بيٽري جو پاڻي پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي، ان موقعي تي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان ياسين پنهنجي پيءُ نورل ڪلهوڙو سان معمولي ڳالھ تان ڪاوڙجي بيٽري جو پاڻي پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان جو علاج پڻ هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.