ڪراچي ۾ اڳواڻن تي تشدد خلاف لاڙڪاڻي ۾ ملازمن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ لوئر اسٽاف ايسوسئيشن ايجوڪيشن کاتي ضلعي طرفان ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ ملازمن مٿان لٺباري ۽ گرفتارين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ماجد علي چانڊيو، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، رفيق احمد ناريجو، آصف علي ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته اسين تعليم کاتي لاڙڪاڻي ۾ گريڊ هڪ کان چار تائين جا اڍائي هزار چوڪيدار، مالهي، نائب قاصد، اٽينڊنٽ، سينيٽري ورڪر، سوئيپر ۽ ٻيا ننڍا ملازم ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ 10 کان 15 سالن کان مسلسل ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون پر هن وقت تائين اسان کي ٽائيم اسڪيل نه مليو آهي ۽ نه ئي اسان کي اپ گريڊ ڪري پروموشن ڏنو پيو وڃي ويتر ڪيترن ئي ملازمن کي گوسڙو ڄاڻائي انهن جون آءِ ڊيون ۽ پگهارون بند ڪري کين بک بدحالي ۽ غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ اسان جي صوبائي قيادت جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جي ملازمن طرفان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج بعد ڪراچي وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪراچي پوليس سوين ملازمن مٿان لٺباري ڪرڻ سان گڏ وزير ڪيريو سميت 15 ملازمن کي گرفتار ڪري وڏي ناانصافي آهي، نوٽيفڪيشن جاري ڪري مراعتون ڏنيون وڃن ٻئي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.