ڀنگو بهڻ لڳ واهه کي 10 فوٽ گهارو، ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل پاڻي هيٺ

ڀنگو بهڻ (ن ع آ) ڀنگوبھڻ لڳ واٽر ڪورس آرڊي 46 وٽان علي نواز واهه کي اوچتو 10 فٽ گهارو پئجي ويو, گهاري سبب ڪڻڪ سرنهن ڀاڄين جا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن سبب آبادگارن کي وڏو نقصان ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ آبادگارن ظهور احمد راجپوت، نور احمد، سڪندر خاصخيلي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته صبح جي وقت گهارو لڳو آهي، واھ ۾ ايترو پاڻي ڇڏيو ويو آهي جو واھ جي ٽاپ جي مٿان پاڻي پيو ھلي آبپاشي عملي کي واھ ۾ پاڻي گهٽائڻ جو چيو پر عملي اسان جي نه ٻڌي جنهن سبب وڏي انگ ۾ پوکيل ڪڻڪ سرنهن، ڀاڄين جا فصل گهاري سبب ٻڏي ويا آهن، هنن چيو ته گهاري پوڻ بعد آبپاشي کاتي جي عملدارن کي اطلاع ڪيو پر آبپاشي عملدار 7 ڪلاڪ دير سان پهتو ، جنهن ڪري وڏو نقصان ٿيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ٿيل نقصان ڀرائي ڏنو وڃي، جڏهن ته ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ  گهارو بند ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.