شھدادڪوٽ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي چنا جو ننڍو ڀاءٌ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

شھدادڪوٽ ( ڊر ) شھدادڪوٽ ۾ يونيورسٽي آف تربت جي انگريزي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر ڊاڪٽر  لياقت علي چنا جو  ننڍو ڀاء ۽ سگا جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل پروفيسر خالد حسين چنا جو نوجوان ماسات شوڪت علي چنا بجلي جي ڪرنٽ وگھي فوت ٿي ويو آهي , ٻڌايو پيو وڃي ته واش روم ۾ رکيل پاڻي وارو موٽر برسات سبب شارٽ ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ نوجوان ڪرنٽ وگهي ٿڏي تي فوت ٿي ويو, جنهن جي اوچتي حادثاتي موت تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو, ھوڏانھن پروفيسر لياقت علي چنا سان سندس نوجوان ڀاء جي وفات تي چنا برادري جي ماڻهن سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف يونيورسٽين جي پروفيسرن,ليڪچرارن ۽ شھر جي صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ساڻن ڏک جو اظهار ڪيو,مرحوم کي سوين آلين اکين سان شھر جي مصري شاهه واري قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو.

  • تلھار ۾ نئين ايس ايڇ او جي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ملاقات

تلھار(ن ع آ) ۾ نئين آيل ايس ايڇ او سعيد احمد چنا عوامي پريس ڪلب تلھار پھچي صحافين سان ملاقات ڪئي، سرپرست اعلي ڊاڪٽر محمد آصف ميمڻ،صدر عاجز انور لاشاري ۽ جنرل سيڪريٽري جاويد علي کٽي،نائب صدر شعيب علي ميراڻي پاران ايس ايڇ او تلھار سعيد احمد چنا کي عوامي پريس ڪلب ۾ اچڻ تي ڀليڪار ۾ سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفه پڻ پيش ڪيا . ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سعيد احمد چنا جو چوڻ ھو ته شھر ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن جي روڪٿام لا۽ قلم ڌڻي بھتر ڪردار ادا ڪري رھيا آھن قلم ڌڻي ھر مسئلي بابت نشاندھي ڪن ٿا رابطن ۾ رھڻ سان شھر ۾ مسئلا کٽائي سگھجن ٿا جڏھن ته عوامي پريس ڪلب تلھار جي صدر عاجز انور لاشاري ايس ايڇ او تلھار سعيد احمد چنا وڏو منڇي مصور ڇلگري کي عوامي پريس ڪلب اچڻ تي کيس ڀليڪار ڏني.

  • سيوهڻ ويجهو ريل جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نوجوان بچي ويا

سيوھڻ(ن ع آ)  سيوھڻ باء پاس وٽ ريلوي ٽريڪ ڪراسنگ تي اچانڪ ٽرين اچي وڃڻ سبب پٽڙي ڪراس ڪندڙ موٽرسائيڪل ان جي زد ۾ اچي وئي ٽرين کي سامهون ڏسي موٽرسائيڪل سوار 2 ڪچي آبادي واسي نامعلوم شھري بائيڪ کي پٽڙي تي ڇڏي پنهنجي جان بچائي ورتي جڏهن ته  موٽر سائيڪل ٽرين جي ھيٺان اچڻ سبب چڪناچور ٿي وئي. ان حوالي سان ريلوي پوليس ٻڌايو ته لاڙڪاڻي کان سيوھڻ طرف ايندڙ موئن جو دڙو ايڪسپريس ٽرين جي اچڻ واري ٽائيم تي ڪچي آبادي واسي تي 2 نامعلوم ماڻهو موٽر سائيڪل سوار  پنھنجي گھر طرف وڃي رهيا هئا ته اچانڪ سندن موٽرسائيڪل ٽرين ھيٺان اچي وئي ۽ پاڻ ڪنهن جاني نقصان کان محفوظ رھيا  جنهن بعد اسان موٽر سائيڪل پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ ان حادثي بابت نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن ماڻھن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.