ملير ڀرسان روڊن تي ڦرون ڪندڙ جوابدار گرفتار

ملير (ڊ.ر) بن قاسم پوليس ڪاروائي ڪري 30 نومبر 2021 تي پورٽ قاسم روڊ تان روڪ رقم ڦر ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، گذريل هڪ ڏينهن اڳ بن قاسم پوليس سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، گرفتار جوابدار بن قاسم ۾ چوري جو ڪيس نمبر2022/04 ۾ به گهربل هو، خبر موجب بن قاسم پوليس ڪاروائي ڪري 30 نومبر 2021 تي پورٽ قاسم روڊ تان 84 لک 47 روپيه روڪ رقم ڦر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ملوث هو، گذريل هڪ ڏينهن اڳ بن قاسم پوليس سان مقابلي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جوابدار قادر بخش کي زخمي حالت ۾ هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن جو ڏوهه بابت رڪارڊ پڻ حاصل ڪري ورتو، ان حوالي سان ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر صحافين کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار خلاف اڳ ۾ چوري جو ڪيس نمبر2022/04 بن قاسم ٿاڻي پڻ داخل ٿيل هو، جيڪو بن قاسم ٿاڻي جي ڪيترن ئي ڪيس ۾ گهربل هو، جڏهن ته گرفتار ٿيل جوابدار ڦر، ڌاڙا چورين سميت ٻين مختلف ڏوهن جو پڻ اعتراف ڪيو آهي، جڏهن جوابدار قادر بخش جي گرفتاري متعلق شهر جي ٻين ٿاڻن تي معلومات موڪلي وئي آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار خلاف وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ هٿ ڪيل هٿيار فارنزڪ لاءِ موڪليا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.