ٽنڊي الهيار پوليس جي 2 ڦورو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ٽنڊوالهيار  (ڊ ر) ٽنڊوالهيار پوليس جي ڪاروائي ڦر ڪيل 6 موٽرسائيڪلون هٿ  2 جوابدار گرفتار ڊي ايس پي سٽي سيد عرفان شاه . ايس ايڇ او  بي سيڪشن حامد اوٺو ۽ انچارج مددگار بيس ايس آئي پي عبدالواحد بلوچ سان گڏ بي سيڪشن ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي دعوا ڪئي آهي ته ايس ايس پي رخسار احمد کهاوڙ جي هدايتن تي بڪيرا روڊ لڳ ڪولاچي موڙ وٽ ڪاروائي ڪري ٽنڊوالهيار ۽ حيدرآباد مان موٽرسائيڪل چوري . ڦر ڪري ڀنگ تي واپسي ڪرڻ ۽ موٽرسائيڪل جا پرزا وڪرو ڪندڙ گروه جي ٻن مک جوابدارن سڪندر لنڊ ۽ صدام حسين مڱڻهار کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته سندن هڪ ساٿي نديم لنڊ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو گرفتار جوابدارن جي قبضي مان ڦر ڪيل 6 موٽرسائيڪل ۽ 2 پسٽل ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن هن چيو ته مذڪوره جوابدار ٽنڊوالهيار ۽ حيدرآباد کان چوري ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون ٽنڊوالهيار ويجهو ڳوٺ اسماعيل لنڊ ڀرسان بيٺل ڪمند ۾ لڪائي بيهاريندا هئا جيڪي ڀنگ وٺي واپسي ڪندا هئا يا گاڏين جا پرزا ڪڍي وڪرو ڪندا هئا هن چيو ته جوابدارن جي نشاندهي تي ايس ايڇ او بي سيڪشن حامد اوٺو ۽ انچارج مددگار بيس ايس آئي پي عبدالواحد بلوچ ٽيم سان گڏ سندن ڳوٺ جي پاسي ۾ ڪمند جي بيٺل فصل مان 5 موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ٻنهي جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون جلد سندن ساٿين کي به گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.