ريتي جا روڊ رستا تباهه، فروٽ سان ڀريل رڪشا ڪلٽي

ريتي ( ن ع آ ) ريتي جي مين ماروالا روڊ تي پورهيت جو رڪشي اکڙيل روڊ ۾ پيل کڏن سبب ڪلٽي ٿي پيو جنهن تي لوڊ ٿيل فروٽ ۽  سبزيون وکري ويون ان موقعي تي شهرين جو چوڻ هو ته اهڙا حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن هڪ اکڙيل روڊ ٻيو شهر جو سمورو گند ڪچرو روڊ تي اڇلايو ويندو آهي جنهن ڪري مينهن پوڻ سبب گپ ۽ ڪيچڙ ٿي وئي آهي موٽر سائيڪل ۽ گاڏيون ترڪڻ سلپ ٿيڻ ۽ حادثا ٿيڻ معمول بڻجي ويا آهن هنن تڪ جي ايم پي اي سردار مير شهريار خان خان شر کي اپيل ڪندي چيو ته هن روڊ جو مهينن کان ڪم هلي رهيو آهي ٺيڪيدار سستي سان ڪم ڪرائي رهيو آهي توهان هن ٽف ٽائلز لڳائڻ واري ڪم کي جلد ڪرائڻ ۾ دلچسپي وٺي ڪم جلد ڪرائي ريتي ۾ صفائي عملو مقرر ڪرايو جئين روڊ صاف رهي ۽ کڏن گپ ڪيچڙ کان بچي هتان جا شهري حادثن کان بچي سگهن.

  • سنيل ڪمار جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو،  خون لوڙهڻ جو خدشو

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرجوڳوٺ ۾ هٿياربندن هٿان 5 ڏينهن اڳ قتل ٿيل هندو واپاري سنيل ڪمار پٽ گاگن مل جو قتل ڪيس پيرجوڳوٺ پوليس اڃان تائين داخل نه   ڪري سگهيو آھي ۽ نه ئي گرفتار ٿيل شڪي ماڻهن مان ڪنهن اعتراف ڪيو آھي جنهن سبب علائقي ۾ چوٻول آھن ته پوليس مقتول واپاري جو ڪيس لئي مٽي ڪري ڇڏيندي ۽ سندس خون لڙھي ويندو، ٻئي طرف پوليس پاران ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول جا وارث ڪنهن جي مٿان به شڪ ظاھر نه ٿا ڪن ۽ نه ئي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ اچن ٿا، جڏهن ته پيرجوڳوٺ پوليس واقعي بعد 4 عورتن سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا لاءِ نامعلوم هنڌ رکيو آھي پر پوليس ڪوبه کڙ تيل نه ڪڍي سگھيو آھي جنهن ڪري مقتول جي وارثن ۾ روڄ راڙو متل آھي. هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور جو چوڻ آھي ته سنيل ڪمار واري واقعي جي باريڪ بيني سان جانچ ڪئي پئي وڃي جلد جوابدارن تائين پھچي وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.