ٽنڊي محمدخان ۾ سنڌ سڀا جو جبري گمشدگين خلاف مظاهرو

ٽنڊومحمدخان ( ڊ ر) ٽنڊومحمدخان۾ سنڌ سڀا پاران گم ٿيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي ۽ سنڌ ۾ بيگناهه قتل ڪيل کي انصاف ڏيارڻ لاءٌ ٽنڊومحمدخان پريس ڪلب آڏو سنڌ سڀا جي ضلعي اڳواڻ نديم زنگيجو، باغي  ساحل، جسم ضلعي صدر  اڳواڻ زاھد جسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو انهي موقعي  تي مظاهرين کي خطاب ڪندي هنن چيو ته سنڌ جي وسيلن کي ڦرڻ کان پوءِ سنڌي ماڻهن جي عزت نفس کي مجروح ڪندي حقن جي ڳالهه ڪندڙ قومي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙهايون ڪندي کين کنڀي گم ڪيو پيو وڃي جيڪا ناانصافي آهي هنن وڌيڪ چيو ته صبا اسلم ناظم جوکيو۾ سوشل ورڪر صبا قمر کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي  جيڪو سنڌي جي نوجوانن سان ظلم آهي اسان گم ٿيل قومي ڪارڪنن کي فوري بازياب ڪرائي کين آزاد ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ بيگناهه قتل ٿيل جي قاتلن کي ڦاسي ڏيئي سندن وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.