سکر واسي شادي آسري تي پنجاب ۾ ڦرجي ويو، احتجاج

سکر(رپورٽر) سکر نئون پنڊ ڪنڀار محلا جي رهواسي عبدالفتاح ابڙو سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو آهي ته پنجاب جي علائقي پاڪ پتن سان تعلق رکندڙ محمد ياسين، سرهيه بيبي ۽ ٻين ڇوڪري فاطمه سان شادي ڪرائڻ جي آسري تي پنجاب گھرايو، جتي هنن مون کي نشو ڏئي 3 لک 70 هزار، سونا ڪنگڻ، موبائل فون ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا. انهن جا هاڻي نمبر به بند آهن. سوشل ميڊيا تي خبرون اچڻ تي ملوث ماڻهو مختلف فونن تان ڪالون ڪري سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ٿاڻي رپورٽ لکرائڻ جي باوجود پوليس اڃا تائين ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي. اعليٰ حڪام نوٽيس وٺي جعلسازي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.