ڪڙيو گهنور ۾شراب جي موالي جي ٿڌ سبب حالت خراب

ڪڙيو گھنور (ن ع آ ) ڪڙيو گھنور پوليس کي انعام ڪير ڏيندو وچ شھر ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان سخت سردي ۾ موالي ديسي شراب  جي نشي جي حالت ۾ بازار ۾  انتھائي ڱندي حالت ۾ پيل رھيو موالي تڪليف وچان دانھون ڪندو رھيو  ۽ ايندڙ ويندڙ ڏسڻ تائين محدود رھيا جڏھن ته موالي جو گونھن مٽ وھندو رھيو  پوليس ۽ ان جي سھولتڪارن جو چوڻ آھي ته ڪڙيو گھنور منشيات کان پاڪ آھي  جڏھن ته شھر ۽ ڀرپاسي ۾  ڪيتري وقت کان  ديسي ۽ ولائيتي شراب جون بٺيون به پوليس جي سرپرستي ۾ ھلندڙ آھن  شھرين جو چوڻ آھي ته اسان ھن آزار خلاف ڪيترائي احتجاج ڪيا آھن پر افسوس پوليس ڪجھ ڪرڻ لاء تيار ڪونھي ياد رھي ته شھر ۽ آس پاس ٺرو شراب گھٽڪو مين پڙي سفينا چرس ۽ ٻي منشيات جو ڪاروبار عروج سان ھلندڙ آھي موالي اسڪول ويندڙ شاگرد توڙي شاگردياڻين کي پڻ تنگ ڪندا رھندا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.