لاڙڪاڻي لڳ مقابلي جي جاچ پڌري: ايس ايڇ او ذميوار قرار، مارجي ويل جي وارثن جو ڌرڻو

لاڙڪاڻو (رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ وڏا مهر ۾ گذريل 13 ڊسمبر تي ٿيل مبينا پوليس مقابلي ۾ اي ايس آءِ مظفر کوسو ۽ پوليس ڪانسٽيبل نواب علي جتوئي جي شهادت واري معاملي تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ طرفان ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امجد شيخ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل ٽه رڪني جوڙيل فيڪٽ فائينڊنگ ڪاميٽي واقعي جو ذميوار ايس ايڇ او عاقل طالب حسين جوڻيجو کي قرار ڏيندي کيس نوڪري مان برطرف ڪرڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري جي سفارش ڪئي هئي. اهڙي رپورٽ اچڻ کان پوءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ عاقل ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او طالب حسين جوڻيجو کي نوڪري تان برطرف ڪرڻ لاءِ فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته غلط پلاننگ سان ڪيل ڪاروائي سان پوليس کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي. اهڙي شوڪاز نوٽيس ۾ ڊي آءِ جي طرفان اڳوڻي ايس ايڇ او طالب حسين جوڻيجو کان 7 ڏينهن ۾ شوڪاز نوٽيس جو جواب طلب ڪري ورتو آهي. هوڏانهن ڳوٺ وڏا مهر ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل راجا عرف راجو مهر جي وارث مردن ۽ عورتن پنهنجي ٻارن سان گڏجي سندس خون سان انصاف لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي ڳوٺ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي راجا عرف راجو مهر جي وارثن پروين خاتون، خادم حسين مهر، نبي بخش مهر، فيروز علي مهر، ڪاشان علي مهر ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل 13 ڊسمبر جي شام ڌاري اڳ لاڙڪاڻو پوليس جي اٽالن اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري بيگناهه اسان جو نوجوان راجا عرف راجو مهر کي گوليون هڻي ماري هڪ ڄڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ اهڙي واقعي جي جاچ ڪاميٽي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پاران جوڙي وئي ان جي رپورٽ جاري ڪرڻ کان پوءِ ڊي آءِ جي مظهر نواز شيخ پوليس مٿان پردو وجهڻ لاءِ ڳوٺ جي رهواسين مٿان تهمت مڙهي آهي ته هي ڳوٺ ڏوھارين جو مقتل گاهه آهي جيڪا سراسر زيادتي آهي. ڏوهاري چوندڙ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو خلاف ڪارروائي ڪري راجا عرف راجو مهر واري واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي داخل ختم ڪري پرامن زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.