موجوده ملڪي صورتحال تباهيءَ واري آهي: سسئي پليجو

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) سنڌي ادب شاھوڪار ادب آھي ۽ سنڌ خوش نصيب ڌرتي آھي، جنھن لاکيڻي لطيف، سچل سرمست، شيخ اياز استاد بخاري جھڙا وڏا شاعر ۽ شھيد ذوالفقار ڀٽو، شھيد بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو، سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي جھڙا عظيم ۽ عوامي ليڊر، ليکڪ، دانشورن کي جنم ڏنو، پريس ڪلب ٺٽو ۾ ڊجيٽل لائيبرري جو قيام ٺٽو جي ماضي واري علم اوج طرف موٽ جو اھم قدم آھي. اھڙن خيالن جو اظھار پ پ جي اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو پريس ڪلب ٺٽو جي لائبريري لاءِ سوين ڪتاب، تحفي طور ۽ نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪ بعد پيش ڪندي ڪيو. ھن چيو تہ ملڪ جي موجودہ صورتحال تباھي کانسواءِ ڪجھ نه آھي، غير سنجيدہ پاليسن جي سزا عوام ڀوڳي رھي آھي، ھن چيو ته پيپلز پارٽي اظھار جي آزادي تي يقين رکي ٿي، صحافي موجودہ دور جو سگھارو آواز آھن جيڪي ملڪ جي عوام جو آواز ايوانن تائين پھچائن ٿا، ھن چيو ته سنڌ جون سموريون اڻپوريون اسڪيمون ھلندڙ سال ۾ مڪمل ڪيون وينديون، پيپلز پارٽي ملڪ جي مضبوط پارٽي آھي.  جنھن ملڪ کي آئين ۽ ايٽمي طاقت ڏني تعليم، صحت سميت سمورن معاملن تي پارٽي بھترين پاليسي کڻي اڳيان اچي پئي جنھن سان عوام کي تمام گھڻو رليف ملندو. ھن چيو ته سنڌ ادب ، ٻولي ، ثقافت ۽ ھزارين سالن جي تاريخ سان رچ آھي، جديد ۽ سوشل ميڊيا جو دور آھي اسان جي نوجوانن کي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ لائيبريرين جو رخ ڪرڻ گھرجي ته جيئن اھي پنھنجي ڪردارن، ليکڪن، دانشورن، شاعرن جي لکيل ڪتابن جو مطالعو ڪري سگھن، ان موقعي تي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جو چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجھي ۽ ٻيا پڻ گڏ ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.