ميهڙ ۾ بند پيل گهر مان لکين رپين جو ڌاڙو، متاثر جو احتجاج

ميهڙ (ن ع آ)  ميھڙ ڀنڊ محلہ مسواڙ تي رھندڙ شاہ محمد ميمڻ جي بند پيل گھر م رات چور داخل ٿي الماڙي ۽ وڏي پيٽي جا تالا ٽوڙي ھڪ لک پنج ھزار روڪ رقم ۽ 23 ھزار جا انعامي بانڊ ۽ سوني منڊي ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي آساني سان فرار ٿي ويا ، متاثرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان غريب مسڪين آھيون اسان شادي تي ويل ھئا سين موقعو ڏسي رات اسان غريبن جي چوري ڪري ويا آهن اسان ايس ايڇ او بي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي ، اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪيو تہ اسان سان انصاف ڪري جوابدار گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي تہ جيئن اسان غريبن جي مدد ٿي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.