لاڙڪاڻي ۾ پٽن سان زميني تڪرار ،ٻڌڻي تي عدالت آيل پيرسن پيءُ صدمي ۾ فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ ٻڌڻي تي آيل 55 سالن جو پيرسن فوت ٿي ويو، لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي، لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ  اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي آيل 55 سالن جو پيرسن نظير احمد مهيسر صدمي ۾ دلي جي دوري سبب بيهوش ٿي پيو جنهن کي سندس پٽن بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي جنهن تي پيرسن جا پٽ سندس لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي فوتي پيرسن جي پٽ شاهزيب مهيسر ٻڌايو ته ڪجهه عرصو اڳ منهنجي وڏي ڀاءُ عامر مهيسر جي شادي ٿي هئي جنهن معاملي تان منهنجو والد کائنس ناراض هو جيڪو مسئلو حل ٿي چڪو پر اڄ منهنجو والد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ آيل هو جتي دل جي دوري سبب بيهوش ٿي پيو جنهن کي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي پيرسن ۽ سندس پٽ وچ ۾ ملڪيت جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو جنهن ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ پيرسن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت آيل هو جتي صدمي ۾ دل جي دوري سبب هو فوت ٿيو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي پيرسن جو لاش وارث گهر ڏانهن کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.