قمبر لڳ نوجوان پاڻ تي پسٽل جا فائر ڪري آپگهات ڪوشش ڪئي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ويجهو قمبر باءِ پاس وٽ ڳوٺ رئيس محمد ملوڪ عمراڻي ۾ 25 سالن جي نوجوان محمد رفيق عمراڻي مبينا طور گهر وارن سان ڪاوڙجي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي مبينا طور داخلا ۽ آپريشن لاءِ عملي طرفان رشوت وٺڻ تي وارثن احتجاج پڻ ڪيو. ان موقعي تي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان جي ماروٽ ٽيڪنيش پٺاڻ خان مگسي الزام لڳايو ته منهنجي مامي جي پٽ محمد رفيق عمراڻي گهر وارن سان ڪاوڙجي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي اسان اسپتال داخل ڪرايو جتي وارڊ بواءِ فضل جتوئي داخلا ۽ آپريشن لاءِ 20 هزار روپيا گهريا جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن ٻڌايو ته وارڊ بواءِ فضل جتوئي جي مقرري کان پوءِ ايندڙ مريضن جون حياتيون داءُ تي لڳي ويون آهن جيڪو مريض فوت ٿيو ئي ناهي هو پرائيوٽ ايمبولنس وارن کان ڪميشن وٺي فوتين جي لاشن کي سرڪاري ايمبولينس بجاءِ پرائيوٽ ايمبولينس ۾ موڪليندو رهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.