ڀنگو بهڻ لڳ واهه کي 10 فوٽ گهارو، ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل پاڻي هيٺ

ڀنگو بهڻ (ن ع آ) ڀنگوبھڻ لڳ واٽر ڪورس آرڊي 46 وٽان علي نواز واهه کي اوچتو 10 فٽ گهارو پئجي ويو, گهاري سبب ڪڻڪ  سرنهن ڀاڄين جا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن سبب آبادگارن کي وڏو نقصان ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ آبادگارن ظهور احمد راجپوت، نور احمد، سڪندر خاصخيلي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته صبح جي وقت گهارو لڳو آهي، واھ ۾ ايترو پاڻي ڇڏيو ويو آهي جو واھ جي ٽاپ جي مٿان پاڻي پيو ھلي آبپاشي عملي کي واھ ۾ پاڻي گهٽائڻ جو چيو پر عملي اسان جي نه ٻڌي جنهن سبب وڏي انگ ۾ پوکيل ڪڻڪ سرنهن، ڀاڄين جا فصل گهاري سبب ٻڏي ويا آهن، هنن چيو ته گهاري پوڻ بعد آبپاشي کاتي جي عملدارن کي اطلاع ڪيو پر آبپاشي عملدار 7 ڪلاڪ دير سان پهتو ، جنهن ڪري وڏو نقصان ٿيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ٿيل نقصان ڀرائي ڏنو وڃي، جڏهن ته ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ  گهارو بند ڪري ورتو.

  • گمبٽ ۽ ڀرپاسي بدامني، هڪ ڏينهن ۾ چار وارداتون

گمبٽ (ن ع آ) گمبٽ مان امن جو پکي اڏامي ويو چوري جون 4 ڌار ڌار وارڌاتون پولیس اگھور ننڊ ستل دستگير ڪالوني مان غلام قادر عباسي جي گهر جا تالا ٽوڙي بئٽري سولر پليٽون چور چوري ڪري ويا؛ ابوذر  ڪالوني مان شاهنواز شيخ جي گهر جا تالا ٽوڙي موٽر؛ سولر پليٽون. جنريٽر  بئٽري. ۽ ڪنويٽر؛ چور چوري ڪري ويا شيخ محلا مان ڪريانه جي دڪان تان سومر ڀٽي جي نئين سي ڊي موٽرسائيڪل چور چوري ڪري ويا ھوڏانھن 2 ڪسان ڪالوني مان عبدالرزاق پتافي جي گھر ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل چور چوري ڪري ويا واقعي جي گمبٽ ٿاڻي تي ڌار ڌار اين سي داخل متاثرن غلام قادر عباسي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيون ٿا نوٽيس وٺي شهر ۾ امن ڪرايو وڃي ۽ ٿيل چوريون واپس ڪرايون وڃن ٻي صورت ۾احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.